ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ڀرسان ٻه نوجوان تتر وٺڻ بهاني ڪچي مان مبينا اغوا، پوليس ڪارروائي نه ڪئي، وارثن جو مظاهرو. خبر موجب ڳوٺ پير بخش شجراع جو رهواسي مظهر جعفري ۽ سندس دوست محمد نواز پنهيار کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته محمد نواز پنهيار خيرپور جو رهواسي آهي جيڪو دوست مظهر جعفري وٽ گهمڻ لاءِ آيل هو، جتان ٻنهي ڄڻن کي تتر ڏيڻ بهاني دوکي سان ڪچي ۾ گهرائي اغوا ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته غازي بنگلاڻي نالي شخص ٻنهي ڄڻن کي تتر وٺي ڏيڻ بهاني هتان ڪچي وٺي ويو، جنهن بعد ڪجھه ڪلاڪن کانپوءِ ٻنهي ڄڻن جا فون نمبر بند ٿي ويا، هنن چيو ته ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود سندن نمبر بند پيل آهن، وارثن ٻڌايو ته ٻنهي نوجوانن کي ڪرمپور ٿاڻي جي حد دنگلو هوٽل وٽان اغوا ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ڪرمپور ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايچ او ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو، هوڏانهن مغوين جي وارثن سائين بخش، هزار خان، علي گل ۽ ٻين ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي.