ڪراچي: گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت واري عمل جي حمايت ڪئي آهي. ان حوالي سان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته جيڪو ڪم سنڌ حڪومت کي ڪرڻ کپي ها، اهو وفاق کي نيب هٿان ڪرائڻو پئجي رهيو آهي، هاڻ پتو پئجي ويندو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪهڙا آفيسر ٻهراڙي جي ڊومسائيل تي قانون جي ابتڙ مقرر آهن. هن چيو ته جعلي ڊوميسائيل ذريعي مقررين سان حقدارن جو حق مري ٿو.