اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات پلواشا خان وزيراعظم جي احتساببابت صلاحڪار شهزاد اڪبر پاران نيب کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرر ٻهراڙين جي آفيسرن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جي اختيارن کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته نيب جو اهو عمل صوبي تي حملو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري پلواشا خان چيو ته وزيراعظم جو خصوصي معاون شهزاد اڪبر اهو ئي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو بنگلاديش ۾ ٿيو هو، هن سنڌ جي آفيسرن جا ڊوميسائل چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو آهي اسان شهزاد اڪبر جي اختيارن کي چيلينج ڪنداسين، اهو عمل صوبي تي حملو آهي، شهزاد اڪبر جو پنهنجو ڊوميسائيل چيڪ ڪنداسين،