ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي ٻهراڙي جو ڊوميسائل رکندڙ آفيسرن جي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرري جي نيب کان جاچ وارو معاملي معاملي ۾ نيب جو خط سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ترجمان وضاحت ڪندي جاچ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نيب وضاحتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل خط ۾ حقيقتن جي ابتڙ تاثر ڏنو ويو ۽ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، اختيارين جي ناجائز استعمال ۽ غيرمقامين کي جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري معاملي جي نيب جاچ ڪري رهيو آهي، قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري نااهل ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيل ،جاري ڪرڻ ۽ انهن جعلي ڊوميسائلن جي بنياد تي ڪوٽا تحت انهن کي مقرر ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ابتدائي مرحلي ۾ آهي، جعلي ڊوميسائلن جي بنياد تي اهڙين مقررين جي تصديق ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ماڻهن کان خطن ذريعي رابطو هوندو آهي، خط جي سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ تي افسوس آهي. نيب ترجمان موجب واضح تفصيلن سميت هڪ ٻيو خط مقرر وقت تي سنڌ حڪومت کي اماڻيو ويندو، نيب بنا فرق جي ۽ شفافيت جي بنياد تي جاچ ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، نيب سرڪاري آفيسرن جي انتظامي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري، جعلي ڊوميسائلن تي مقررري واري انڪوائري کي به منطقي انجام تي پهچايو ويندو.