جيڪب آباد: قيدي کي فرار ڪرائڻ جي الزام هيٺ پوليس اهلڪارن کي سزا

0
255

جيڪب آباد: سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت قتل ۾ ملوث قيدي کي فرار ڪرائڻ جي الزام هيٺ سب انسپيڪٽر سوڌو ٽن اهلڪارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت 2017 ۾ قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار انور علي کي فرار ڪرائڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فتويٰ ٻڌائي. عدالت ان وقت جي ايس ايڇ او دوداپور فدا حسين لانگاهه، ھيڊ ڪانسٽيبل عاشق علي ملگاڻي، پوليس اھلڪار عمران ملگاڻي کي پندرهن مھينا قيد ۽ 30 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ ٽئي جوابدار وڌيڪ ھڪ مھينو قيد جي سزا ڀوڳيندا. عدالتي فيصلو اچڻ بعد سب انسپيڪٽر سوڌو ٽنھي جوابدارن کي ھٿڪڙيون ھڻي گرفتار ڪيو ويو.