رتوديرو ۾ مقتول ڪشمير لاشاري جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

0
255

رتوديرو(ن پ ا) رتوديرو ۾ مقتول ڪشميرر لاشاري جي وارثن پاران لاش رکي رتوديرو_، لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪيو ويو، روڊ بند ٿي وڃڻ سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي، جڏهن ته ڌرڻي دوران مقتول جي وارثن پاران انصاف کپي جا نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي مقتول جي پيءُ شهير ، محمد سليمان ، لکمير لاشاري ۽ بين جو چوڻ هيو ته اسان جي ڇوڪري کي بيدردي سان قتل ڪري ان جي لاش جي تذليل ڪري اهو گندي نالي ۾ اڇلايو ويو هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي پوليس جاچ ڪري قاتلن جي ڳولها ڪري مظاهرين مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.