جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ پهرين غزالي پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل رائيزنگ اسٽارز پنهنجي نانءِ ڪري ورتو. خانگي تعليمي اداري غزالي ريزيڊيشنل اسڪول پاران ميهر شاهه گرائونڊ تي پهرين غزالي پريميئر ليگ (جي پي ايل) ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ ڪُل 6 ٽيمن حصو ورتو جن مان 2 ٽيمون رائيزنگ اسٽارز ۽ پاڪستاني ٽائيگرز فائنل ۾ پهتيون. رائيزنگ اسٽارز ٽاس کٽي فيلڊنگ ڪئي ۽ پاڪستاني ٽائيگرز بيٽنگ ڪندي 78 اسڪورز جو هدف ڏنو جيڪو رائيزنگ اسٽارز 7 اوورز ۾ پوري ڪري فائنل پنهنجي نانءِ ڪري ورتو آهي. کٽيندڙ ٽيم کي 10 هزار رپيا روڪ رقم، ٽرافي ۽ مقامي هوٽل تي ڊنر ڪرائڻ جو انعام ڏنو ويو.