ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس پاڻ کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بولنگ ڪوچ بڻائڻ بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏيو. وقار يونس چيو آهي ته مونسان ڪوچ بڻائڻ بابت ڪنهن به ڪو رابطو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي منهنجو ڪوچ بڻجڻ جو ڪو ارادو آهي. ان کان اڳ ٽوئٽر تي هڪ اڪائونٽ تي لکيو ويو هو ته پي سي بي بولنگ ڪوچ جي عهدي ۽ سليڪشن ڪميٽي ۾ ڪردار لاءِ وقار يونس سان رابطو ڪيو آهي جيڪا تمام خراب خبر آهي. وقار يونس ان ٽوئٽ تي پنهنجي ردعمل ۾ لکيو ته ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي ته جنهن عهدي جو اوهان ذڪر ڪيو آهي ان لاءِ مونسان رابطو ڪيو ويو آهي، جيڪا شيءِ سڀ کان اهم آهي اها هن ٽوئٽ لکڻ لاءِ اوهان جي جملن جي چونڊ آهي. وقار يونس لکيو ته مونکي مايوسي ٿي، جيڪڏهن اوهان کي خراب لڳو هجي ته مان معذرت جو ڪريان.