اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري ملڪ ارشد اقبال سينيٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري رابعه انور خلاف سينيٽ چيئرمين کي لکت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن درخواست ۾ ملڪ ارشد اقبال موقف اختيار ڪيو آهي ته رابعه انور کي غيرقانوني طور ترقيون ڏنيون ويون، سينارٽي لسٽ کي به نظر انداز ڪيو ويو، ترقي لاءِ لازمي سروس جي حوالي سان اڳوڻي چيئرمين سينيٽ رضا رباني کيس رعايتون ڏنيون، رابعه انور جي ترقي ۾ سول سرونٽ ايڪٽ ۽ رولز جون خلاف ورزيون ڪيون ويون، رابعه انور اثر رسوخ جي بنياد تي ترقي ورتي، هن سينيٽ چيئرمين کي موڪليل درخواست جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ۽ فيڊرل سروس ٽربيونل کي به اماڻي ڇڏي آهي.