ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت قومي خزاني کي 462 ارب رپين جو نقصان رسائڻ جي ڪيس ۾ جوابدار ور نامزد ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي شاهد اشفاق احمد کي 26 مئي تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته شاهد اشفاق احمد جو ويڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته راولپنڊي جي نيب ڪورٽ ڇنڇر واري ڏينهن بند هوندي آهي جنهن تي عدالت شاهد اشفاق احمد کي ايندڙ ٻڌڻي تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل پاران حاضري کان استثنيٰ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.