جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ ڳوٺاڻن سان 10 لک روپين جو فراڊ، فراڊي گروهه خلاف ڪيس داخل، خبر موجب ديھه 362 ۾ ڳوٺاڻي  مولا بخش راجپوت سان فراڊ ڪندڙ گروهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ اڪبر ولد شهاب الدين ڪمبوهه ۽ سندس ڀاڻيجو نديم ڪمبوهه شامل آهن، ڳوٺاڻي مولابخش ۽ سندس ڀاءُ قاسم راجپوت ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدارن 10 لک روپيا روڪ وٺي 30 لکن جا جعلي پرائيز بانڊ ڏنا، جوابدارن کان ڏنل رقم جي گهر ڪئي ته هنن موتمار ڌمڪيون ڏنيون، جنهن بعد ڪيس داخل ڪرايو، هنن گهر ڪئي ته بااثرن کي گرفتار ڪري ڏنل رقم واپس ڏياري وڃي.