ٽنڊو محمد خان: (رپورٽر ) انڊس ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۾ چوٿين ڪانووڪيشن جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن، وڪيلن، استادن، مختلف ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام رضا ڀٽي وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال ميمڻ  انڊس ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر فيروز ميمڻ، رجسٽرار انڊس ميڊيڪل ڪاليج مشتاق علي قريشي، ڪنٽرولر آف ايگزامنيشن نواز علي جي ڀٽو، رجسٽرار لياقت يونيورسٽي آف ميڊيسن اينڊ هيلٿ سائنسز حاجي محمد شخف اسڪالر فتح محمد عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هڪ سئو کان وڌيڪ ايم بي بي ايس پاس شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ايم بي بي ايس پاس ڊگريون ڏنيون ويون آهن جيڪي مسيحائي شعبي جي تقدس کي قائم رکندي بيمارين خلاف ويڙهه ڪندا ۽ غريب ۽ لاچار انسانيت جي لاءِ جديد طبي سامان جي مدد سان خدمتن سرانجام ڏيندا  26 گريجويٽ پوسٽ هولڊرز کي ميڊل ڏنا ويا جن ۾ ايم بي بي ايس پوزيشن هولڊرز ۽ مختلف مضمونن جي پوزيشن هولڊرز مان 6 ميڊل مرد گريجوئيٽ کي ڏنا ويا ۽ باقي 20 ميڊل گريجوئيٽ عورتن کي ڏنا ويا جنهن ۾ ڊاڪٽر اقصيٰ اڪرم کي بهترين گريجوئيٽ جو ايوارڊ ڏنو ويو، ان کان علاوه 10 وڌيڪ ميڊل حاصل ڪيا ويا، جن ۾ پهرين پوزيشن پڻ شامل آهي ٻي پوزيشن سيد مرتضيٰ ۽ ٽين پوزيشن ڊاڪٽر محمد اقبال جي پٽ حماد اقبال ميمڻ حاصل ڪئي.