ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آصف علي ميمڻ)  منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ بعد ڪيترائي ڪٽ بند ڪيا ويا آهن پر اڃا تائين سمورا ڪٽ بند نه ٿي سگهيا آهن، اي ايس بچاءُ بند واري کنڊ سبب ماڻهو عذاب ۾ پئجي ويا آهن. ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي موجب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 113 آرايل تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين ذريعي بلوچستان توڙي سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ڪاڇي جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ جو سلسلو به جاري آهي، آبپاشي کاتي پاران ايس آر پي جي نگراني ۾ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ، ايم اين وي ڊرين جي آر ڊي 4، آر ڊي 10، منڇر ڍنڍ جي بوبڪ بند وٽ آر ڊي 50، ۽ باغ يوسف وٽ آر ڊي 14 وٽان لڳايل سمورا ڪٽ بند ڪري رستو بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منڇر جو پاڻي سنڌو درياءُ ۾ خارج ڪرڻ لاءِ ايل ايس بچاءُ بند کي ڳوٺ ڪرمپور وٽان لڳايل ڪٽ اڃا تائين بند ناهي ٿي سگهيو، نه ئي وري انڊس لنڪ ڪئنال سم نالي کي لڳل ڪٽ بند ٿي سگهيو آهي جنهن جي ڪري ٽلٽي، ڪرمپور سميت ڪچي جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو سيوهڻ شهر سان زميني رابطو ڪٽيل آهي ۽ رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن، هوڏانهن منڇر جي ڀرسان واري يونين ڪائونسل واهڙ، يونين ڪائونسل بوبڪ ۽ يونين ڪائونسل جعفرآباد جي سوين ڳوٺن ۾ اڃا تائين منڇر جو پاڻي موجود آهي، يوسي واهڙ جي قديمي ڳوٺ علي حسن شاهاڻي، ڳوٺ مسواڻي جمالي، ڳوٺ خيرمحمد جمالي، ڳوٺ ميرمحمد سيهڙو، ڳوٺ رحمت الله سيهڙو، ڳوٺ کڏي رودناڻي، ڳوٺ ڪنڊو بوزدار، ڳوٺ  يوسف ٿيٻو، ڳوٺ ننگرخان بروهي، ڳوٺ عاربي، اڪتڙ، رمضان پنهيار، سميت سوين ڳوٺن جي چوطرف ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب رهواسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان سلسلي ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين نورمحمد جمالي، ماڻڪ جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته يوسي واهڙ جي مختلف ڳوٺن ۾ اڃا تائين 3 کان 4 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڳوٺن ۾ اچ وڃ لاءِ پريشان آهيون، هڪ طرف ٻوڏ سبب گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ته وري ٻئي طرف اسان جو ووئڻن جو فصل به تباه ٿي ويو، هاڻي پاڻي بيٺل هجڻ سبب اسان ڪڻڪ جو فصل به پوکي نه ٿا سگهون، هنن چيو ته سرڪار ٻيو ڪجهه نه ڏيئي پر ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي ڏئي جيئن اسين پنهنجي اباڻن ککن ۾ ٻيهر آباد ٿيون، ۽ ڪڻڪ جو فصل پوکي پنهنجو پيٽ گذر ڪريون، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته يوسي واهڙ سميت سمورن علائقن مان فوري طور تي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.