جهڏو ويجهو 3 ٻارن جي پيءُ مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
309

جهڏو(ن پ ا) جهڏو ويجهو 3 ٻارن جي پيءُ والجي ڪولهي مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

اسلم ٽائون جي رهواسي 45 سالا والجي پٽ لکمڻ ڪولهي گهرن ٻاهران بيٺل وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي جهڏو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

خودڪشي ڪندڙ شخص جي وارثن ٻڌايو ته والجي ڪولهي جي گهرواري ڪجهه وقت اڳ فوت ٿي وئي هئي جنهن جي صدمي ۾ هي نشي جو عادي ٿي ويو هو ۽ ڪافي ڀيرا هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي جنهن کي بچايو ويو هو، پر اڄ هن خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.