سنڌ ڪابينا جو اجلاس، عورتن، اقليتن ۽ ٻارڙن خلاف ڏوهه برداشت نه ڪندس: وڏو وزير

0
201
ڪراچي: مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن، اقليتن ۽ ٻارڙن خلاف ڏوهه برداشت نه ڪندس، عورتن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.

ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ مينارٽي کاتي واري صوبائي وزير وزير گيانچند ايسراڻي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال اقليتن لاءِ هڪ بلين روپين جون 60 اسڪيمون آهن، 048. 270 ملين روپيا جاري ٿي چڪا آهن، جن مان 761. 9  ملين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن، وڏي وزير کيس هدايت ڪئي ته اقليتن جا مسئلا حل ترجيهي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.

صحت کاتي واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته ڪل 171 منصوبا آهن جن جي لاءِ 18500 ملين روپيا مختص ڪيا آهن ، جن مان 253. 1666 ملين رپيا جاري ٿي چڪا آهن جن مان 71. 289 ملين رپيا خرچ ٿي ويا.

صوبائي وزير چيو ته هن سال 36 اسڪيمون مڪمل ٿي وينديون، جنهن لاءِ پورو فنڊ جاري ڪيو وڃي، جنهن تي وڏي وزير کيس ڪوڊ اسپتال سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ قائم ڪري ڪم تي ڌيان ڏيڻ هدايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ روينيو کاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان بريفنگ ڏيندي چيو ته روينيو کاتي جون هن سال 3 اسڪيمزآهن، جن جي ماليت 175 ملين روپيا آهي،بورڊ آف روينيو جي اسڪيمز ۾ سب رجسٽرار جي آفيس جي تعمير به آهي.

اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ٻڌايو ويو آهي ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي ڪل 31 اسڪيمز آهن جن لاءِ 1800 ملي رپيا رکيا ويا آهن.

حڪومت هن وقت تائين 785. 217 ملين رپيا جاري ڪيا آهن جنهن ۾ 360. 3 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.

وڏي وزير چيو ته فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جا 13 منصوبا هن سال مڪمل ڪيا ويندا جنهن جي لاءِ فنڊز جاري ڪري رهيا آهيون.