نواب ولي محمد ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻارڙيون فوت

0
159
نواب ولي محمد ڀرسان

نواب ولي محمد(ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، ڪريم آباد اسٽاپ تي بجليءَ جي پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 معصوم نياڻيون 13 سالا صوفيه ڌي محمد اشرف حجام ۽ 6 سالن جي اليشا ڌي رحمت حجام زخمي ٿي پيون.

زخمين ٻارڙين مان هڪ  کي دولتپور اسپتال نيو ويو ۽ ٻي کي  قاضي احمد اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.فوتي نينگرين جا لاش سندن گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.