جهول (ن پ ا) جهول ويجھو دلور موري وٽ يتيم نينگر سان ھٿيارن جي زور تي جنسي ڏاڍائي، جوابدار فرار. جھول ويجھو دلور موري واري علائقي جي ڳوٺ ڇٽو سھتو  واسي 15 ورھين جي ڌنار يتيم نينگر عيدن سھتو سان مبينا طور ٻن جوابدارن پاران جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. ان حوالي سان متاثر نينگر عيدن سهتو روئيندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجا والدين فوت ٿي ويا آهن سندس الله رب العالمين کان سواءِ ڪو ڌڻي سائين ڪونھي، پگھار تي سموري ڳوٺ جو مال چاريان ٿو، هن چيو ته ڪافي وقت کان  جوابدار شهزادو سهتو ۽ رياض کوسو دوستي رکڻ ۽ گندو فعل ڪرڻ لاءِ تنگ ڪندا ھئا سومر ڏينهن انھن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري بدفعلي جو نشانو بڻايو، اھڙي دانھن ماماڻن کي  ڏني پر هنن ازالو ڪرڻ بدران مونکي مارڪٽ ڪئي، وري اڱاري ڏينھن ساڳين جوابدارن کڻي وڃي بدفعلي ڪئي جنھن جي مائٽن کي دانھن ڏيڻ بدران رلندو ڌڪا کائيندو جھول پھتو آھيان. متاثر نينگر روئيندي ايس ايس پي سانگهڙ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد کان گھر ڪئي آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس تحفظ فراهم ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.