شڪاپور (رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور جي الله آباد ڪالوني واري علائقي ۾ ڪچرو ڦٽي ڪرڻ تان شيخ ۽ شر برادري وچ ۾ جھيڙو، فائرنگ، گھر ٻاھران بيٺل عورت قتل، خبر موجب شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد الله آباد ڪالوني ۾ گھٽي ۾ ڪچرو ڦٽي ڪرڻ تان شيخ ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گھر ٻاھران بيٺل 30 ورھين جي عورت صائمه جکرو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن آر بي يو ٽي اسپتال منتقل ڪيو، جتي تڪڙي بنيادن تي علاج جي اڻھوند سبب کيس سکر منتقل ڪيو پئي ويو ته عورت رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو شر ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪچرو ڦٽي ڪرڻ واري معمولي ڳالهه تان پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي.