ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊي محمد خان ۾نينگر سان بدفعلي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا. سان ڏس ۾ شوڪت ڪالوني جو رهواسي 14 سالا فوجي فائونڊيشن اسڪول جو شاگرد فرقان راجپوت سان ڪولاچي پاڙي جي اوطاق ۾ 4 جوابدارن غلام رسول ببن ملاح ، ببلو ، الهڏنو ۽ نثار سٺيو پاران زبردستي بدفعلي ڪرڻ واري واقعي کي 2 ڏينهن گذري چڪا آهن سٽي ٿاڻي تي مذڪوره جوابدارن خلاف ايف آءِ آر پڻ نينگر جي پيءُ اصغر راجپوت پاران داخل ڪرائي ويئي هئي پر اڃان تائين جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگهي آهي، نينگر جي پيءُ اصغر راجپوت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون غريب مسڪين پورهيت آهيان ، پورهيو ڪري پيٽ گذران ڪريان ٿو ، منهنجي نينگر سان زيادتي ٿي آهي ‏ ، پوليس جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ، سٽي ٿاڻي جي ننڊي منشي محمد جمن مهيري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي جلد جوابدار گرفتار ٿي ويندا .