ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ 14 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي، دانهڻ باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، وارثن جو احتجاج. ٽنڊوآدم ۾ جوابدارن مبينا طور قريشي منزل پورهيت صغر شاهه جي 14 ورهين جي پٽ شهباز کي مبينا کنڀي ساڻس اجتماعي بدفعلي ڪئي. ان سلسلي ۾ نينگر جي والده مسمات خديجه شاھ پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته چئن جوابدارن احسان بلوچ، نندولال، عبدالواحد ڊوگر ۽ سناول ڊوگر منهنجي 14 ورهين جي پٽ شهباز کي کنڀي کڻي وڃي ساڻس بدفعلي ڪئي ۽ کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن ڳالهه ڪندي ته توکي قتل ڪنداسين. هن چيو ته اهڙي دانهن اسان ٽنڊوآدم بي سيڪشن پوليس کي به ڏني آهي پر پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.