سکر (بيورو رپورٽ) سکر ويجهو ڊگري ڪاليج شڪارپور روڊ تي مزدا ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ خيرپور واسي لوڊر رڪشا تي سوار 3 ڄڻا صديق ماڇي، حفيظ ۽ بشارت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو، پوليس مزدا کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.