جهانگير ترين گروپ جو ايم پي اي نذير چوهاڻ گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ ٿاڻي پھتو

0
406

لاھور (بيورو رپورٽ) جهانگير ترين گروپ جو ايم پي اي نذير چوهاڻ گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويو، لاهور ۾ نذير چوهاڻ ريلي جي صورت ۾ ريس ڪورس ٿاڻي تي پهتو، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر جي درخواست تي نذير چوهاڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، وفاقي وزير فواد چوڌري کانپوءِ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل طرفان به شهزاد اڪبر جي حمايت، شهباز گِل جو چوڻ آهي ته نذير چوهاڻ کي شهزاد اڪبر جي باري ۾ ڪوڙ نه ڳالهائڻ گهرجي ها.