ملڪ ۾ ڪورونا وئڪسين لاءِ رجسٽريشن ڪرائيندڙن جي انگ ۾ واڌ

0
328

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وئڪسين لاءِ رجسٽريشن ڪرائيندڙن جي انگ ۾ واڌ، هيل تائين هڪ ڪروڙ 16 لک کان وڌيڪ ماڻهن رجسٽريشن ڪرائي ورتي، اين سي او سي جي سربراهه وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڇنڇر ڏينهن ويڪسينيشن جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو، هڪ ڏينهن ۾ 3 لک 83 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي، هيل تائين ويڪسين جا 70 لک کان وڌيڪ ڊوز لڳايا ويا آهن، ڪراچي ۾ ڪورونا وئڪسين موبائيل يونٽس فعال، ڏورانهن علائقن ۾ موبائيل يونٽ ذريعي ويڪسينيشن ڪئي ويندي، هر تعلقي ۾ پنج موبائيل يونٽس ڪم ڪندا.