جهانگير ترين جي صدارت هيٺ هم خيال گروپ ۽ اڳواڻن جو اهم اجلاس

0
305

لاهور ۾ جهانگير ترين جي صدارت هيٺ هم خيال گروپ ۽ اڳواڻن جو اهم اجلاس شروع ٿيڻ وارو آي، جنهن ۾ جهانگير ترين، عون چوڌري، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم سردار تنوير الياس ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن

جهانگير ترين سردار تنوير الياس ۽ ٻين کي هم خيال گروپ ۾ شموليت جي دعوت ڏيندو، جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو

پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير هاشم ڊوگر چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن جو به هڪ وڏو اجلاس سڏايو ويو آهي، اجلاس جو وقت ۽ هنڌ ڳجهو رکيو ويو آهي

 اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جا 35 کان وڌيڪ ٽڪيٽ هولڊر ۽ اڳوڻا اڳواڻ شرڪت ڪندا، هاشم ڊوگر چيو ته اسان ڪڏهن به نون ليگ ۽ پي ڊي ايم جي بيانيي جي حمايت نه ٿا ڪري سگهون، سڀاڻي هڪ وڏو گروپ گڏجي هلڻ جو اعلان ڪندو

هاشم ڊوگر گذريل مهيني ساٿين سميت پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو