ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم جي دفاع بابت خاص معاون ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته جنرل باجوه عمران کي نااهلي کان بچايو، جهانگير ترين نشانو بڻجي ويو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته جنرل باجوه سان جڏهن مليس هن عزت ۽ احترام ڏنو، ساڻس سياسي ڳالهيون نه ٿينديون هيون پر اها حقيقت آهي ته عمران کي جنرل باجوه ۽ فيض حميد آندو، مڪمل سپورٽ ملڻ باوجود هي ملڪ هلائي نه سگهيو. هن چيو ته مون جنرل باجوه کي چيو هو ته ووٽنگ مشين سان معاملو رڪجي نه ويندو، جنهن تي جنرل باجوه ته اسانجو ادارو نيوٽرل اهي،  ملڪ محمد احمد خان چيو ته جنرل باجوه کي احساس هو ته عمران ملڪ سان سٺو نه ڪيو، ثاقب نثار پنهنجي فيصلن سان ملڪي عدليا جي 70 ورهين جي دائريڪار کي تبديل ڪيو آهي، ثاقب نثار چيو ته ضايع پاڻي کي مينيج ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن تي آئون حيران ٿي ويس، ثاقب نثار ٻڌائي عثمان بوزدار پنجاب لاءِ ڇا ڪيو؟ 56 ڪمپنيون هلن ها ته اڄ پنجاب جي صورتحال تبديل هجي ها،  ملڪ محمد احمد خان چيو ته نوازشريف نيب حراست ۾ بيمار ٿيو، نوازشريف کي نيب جي بلڊنگ کان اسپتال منتقل ڪيو ويو، نوازشريف جي بيماري جي جاچڻ لاءِ ڊاڪٽر شمسي آيو، جيڪو پيليٽيلٽس جو ماهر هو، ڊاڪٽر چيو ته بيماري جو پتو نه ٿو پوي، نوازشريف کي سندس ذاتي ڊاڪٽر ڏانهن موڪليو وڃي، ڊاڪٽر جي رپورٽ عمران خان کي اماڻي وئي، نيب چيئرمين جيڪو ڪيس ڪيو، اهو عدالت ۾ ويو ته ردي جي ٽوڪري ۾ هليو ويو، شهباز شريف، احسن اقبال ۽ رانا ثناءُ الله تي ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا، هن چيو ته شوڪت ترين معيشت کي تباهه ڪرڻ جهڙا قدم کنيا، عمران اينٽي ڪرپشن ۽ چور چور جو ڪوڙو بيانيو ٺاهيو، پرويز الاهي اعتماد ۽ اڪثريت وڃائي چڪو آهي، هن وقت گرينڊ ڊائلاگ ۽ مفاهمت جي جي ضرورت آهي.