اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪندو، جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ غور هيٺ آيل تجويزن تي اهم فيصلا متوقع آهن، اجلاس ۾عسڪري ۽ سول اختياريون شرڪت ڪنديون، اجلاس ۾ حساس ادارن جا عملدار ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندا، ذريعن مطابق قومي سلامتي ڪاميٽي ملڪي معيشت ۽ سلامتي تي واضح گائيڊ لائنز جي منظوري ڏيندي، ذريعن موجب اجلاس ۾دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪاررواين جي منظوري ڏني ويندي.