اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف  علوي اسلام آباد بلدياتي ترميمي بل بنا صحيح جي واپس موڪلي ڇڏيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بل ان ڪري واپس ڪيو آهي ڇو ته ان بل تي صحي ڪرڻ سان بلدياتي چونڊن ۾ وڌيڪ دير ٿيندي، ايوان صدر جي ترجمان تصديق ڪندي چيو آھي ته اسلام آباد بلدياتي ايڪٽ ۾ ترميم جي بل کي صدر بنا صحيح ڪرڻ جي واپس موڪلي ڇڏيو آھي  وفاقي حڪومت جي تڙتڪڙ ۾ کنيل قدمن سان بلدياتي چونڊون 2 ڀيرا دير جو شڪار ٿيون، جيڪو جمهوريت لاءِ مثبت ناهي، حڪومت جي بدنيتي سبب اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون نه ٿي سگهيون، پهرين 50 يونين ڪائونسلن جي حدبندين بعد اليڪشن ڪميشن 31 جولاءِ تي بلدياتي چونڊن جو اعلان ڪيو، پولنگ جي تاريخ جي اعلان باوجود وفاقي حڪومت يونين ڪائونسلن جو تعداد وڌائي 101 ڪري ڇڏيو، يونين ڪائونسلن جو تعداد وڌڻ سان چونڊن ۾ دير ٿي، 101 يونين ڪائونسلن جي حدبندي بعد اليڪشن ڪميشن 31 ڊسمبر تي چونڊن جو اعلان ڪيو، بلدياتي قانون ۾ ترميمي بل مطابق يونين ڪائونسلن جو تعداد 125 ڪيو ويو آهي، يونين ڪائونسلن جو تعداد وڌڻ سبب بلدياتي چونڊون هڪ ڀيرو وري دير جو شڪار ٿي ويون، ترميمي بل تحت ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو طريقو به تبديل ڪيو ويو، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو طريقو چونڊ شيڊول جي اعلان کان پوءِ تبديل ڪيو ويو.