اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ نظرثاني واري درخواست تي رجسٽرار پاران لڳايل اعتراضن خلاف چيمبر اپيل داخل ڪري ڇڏي، ذريعن مطابق قانون واري وفاقي وزارت جي اهلڪارن ڪالهه سپريم ڪورٽ پهچي رجسٽرار جي اعتراضن خلاف چيمبر اپيل داخل ڪئي، ذريعن مطابق چيمبر اپيل ۾ وفاقي حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ ايف بي آر سميت مختلف ڌرين کي دليل ڏيڻ جو موقعو نه ڏنو، ان ڪري نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي پر ان درخواست تي رجسٽرار آفيس اعتراض لڳايا ۽ اها درخواست واپس ڪري ڇڏي، 25 جون تي رجسٽرار پاران جيڪي اعتراض لڳايا ويا آهن، انهن خلاف چيمبر اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري رجسٽرار جي اعتراضن کي ختم ڪيو وڃي، ذريعن موجب قانون واري وزارت جا نمائندا ڪالهه ٻن ٿيلهن ۾ وفاقي حڪومت، صدر، وزيراعظم، ايف بي آر ۽ ٻين ڌرين پاران چيمبر اپيلون دستاويزن سميت کڻي پهتا.