اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس عمر عطا بنديال وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو. ڪالهه حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جسٽس عمر عطا بنديال کان حلف جسٽس قاضي فائز عيسي کڻايو، تقريب ۾ عدالت جي سموري ججن ۽ وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، واضع رهي ته چيف جسٽس گلزار احمد گرمين جون موڪلون گذارڻ لاءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي، جيڪو 6 سيپٽمبر تي وطن واپس ايندو.