توشه خانه ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 14، 14 سال قيد جي سزا

0
71

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي

توشه خانه ڪيس ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير عمران خان ۽ بشرا بي بي کي سزا ٻڌائي ڇڏي

احتساب عدالت پي ٽي آءِ جي باني کي 10 سالن لاءِ نااهل قرار ڏيندي پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي تي هڪ ارب 57 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پنهنجو بيان قلم 342 جمع ڪرايو؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مون بيان تيار ڪري ورتو آهي، جڏهن منهنجا وڪيل ايندا ته بيان جمع ڪرائيندس

ان کان پوءِ باني پي ٽي آءِ عدالتي ڪمري مان نڪري ويو، بعد ۾ جج جيل اختيارين کي چيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪورٽ روم ۾ اچڻ لاءِ چيو، پر جيل اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته باني پي ٽي آءِ عدالت روم ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي

توشه خانو ڪيس ڪڏهن ڇا ڇا ٿيو؟

عمران خان تي الزام آهي ته هن 2018ع کان 2022ع تائين وزيراعظم رهڻ دوران پرڏيهي ملڪن مان قيمتي تحفا گهٽ اگهه تي حاصل ڪيا ۽ پوءِ اهي تحفا 6 لک 35 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ڪيا

عمران خان کي تحفي ۾ سعودي عرب جي هڪ قيمتي گھڙي به هئي جنهن تي ڪعبي جو ماڊل به هو۽ عالمي منڊي ۾ ان جي قيمت 60 کان 65 ڪروڙ رپيا آهي

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 21 آڪٽوبر 2022 تي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آئين جي آرٽيڪل 63 (1) تحت توشه خاني جي تحفن ۽ اثاثن بابت غلط بياني ڪئي

ان کان علاوه اليڪشن واچ ڊاگ پاران سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جي درخواست پڻ داخل ڪئي وئي هئي

10 مئي 2023 تي ٽرائل ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان تي غلط معلومات فراهم ڪرڻ تي فرد جرم لاڳو ڪيو پر 4 جولاءِ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيشن ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ ۽ 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 4 آگسٽ تي توشه خانه فوجداري ڪيس بابت سيشن ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت درخواستگذار کي 5 آگسٽ تي ٻيهر ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ 5 آگسٽ تي سيشن عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي