ميرپورخاص(بيورورپورٽ)  پوليس ڪامپليڪس ميرپورخاص ۾ آئي جي سنڌ رفعت مختار جي زيرنگراني اعلي سطحي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي تنوير عالم اوڍو، ايس ايس پي ميرپورخاص عادل ميمڻ,ايس ايس پي عمرڪوٽ عبدالخالد شيخ، ايس ايس پي ٿرپارڪر علي مردان کوسو,ايس ايس پي اسپيشل برانچ شاهنواز ميمڻ، ايس ايس پي ڪرائم برانچ سميت پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي,ان موقعي تي ڊي آئي جي ميرپورخاص پاران عام چونڊن ۾ ڊويزن لاءِ جوڙيل سيڪيورٽي پلان بابت آئي جي سنڌ کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي،اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اليڪشن جي موقعي تي رينج سڪيورٽي پلان تحت امن امان جي انتظامن، پوليس پڪٽنگ، ايريا گشت، ناڪابندي، جاسوسي، نگراني سميت انٽيليجنس ۾ اضافو ۽ ڳجهي معلومات حاصل ڪرڻ، پوليس جي جوابي ۽ فالو اپ تي ڪم ڪيو آهي،ان موقعي تي آئي جي سنڌ رفعت مختار اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن جي ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ۽ امن امان جي حوالي سان پوليس جي مجموعي معاملن کان عوام کي باخبر رکڻ لاءِ پبليڪيشن اپاءَ ورتا وڃن،تفصيلي جائزو وٺڻ بعد سيڪيورٽي انتظامن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي