تلهار جو اسڪول ٺهرايو

0
81
تلهار جو اسڪول ٺهرايو

 تعلقي تلهار جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون ٿي وئي آهي، يوسي سعيدپور جي پرائمري اسڪول محمد سليمان منگواڻو ۾ تقريبن 200 ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا، جن جي حياتين کي خطرو آهي، تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڄاڻايل اسڪول جي عمارت جي جلد کان جلد مرمت ڪرائي وڃي،جيئن استاد بي خوف تعليم ڏئي سگهن ۽ شاگرد  بنا خوف واري ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. (مقبول احمد منگواڻو جو واٽس ايپ ميسيج)