ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) تعليم کاتي جا آفيسر بدلي، 19هين گريڊ جي غلام مرتضيٰ شيخ کي تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ( پرائيوٽ اسڪول) مقرر ڪيو ويو آهي. ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو ) جي سينيئر پروگرام مينيجر عبدالقادر لاشاري کي بدلي ڪري دادو ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، سائوٿ ضلعي جي ڊي اِي او غلام حيدر بلو کي بدلي ڪري ايسٽ ۾ ڊي اِي او مقرر ڪيو ويو آهي.