جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ميونسپل جي نااهلي، راند کيڏڻ لاءِ گھران نڪتل نينگري کليل گٽر ۾ ڪري فوت، اسپتال لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولنس نه ڏني، پيءُ نياڻي جو لاش اسپتال کان گهر تائين ھٿن تي کڻي آيو، وارثن جو شڪارپور روڊ تي ڌرڻو. خبر موجب شهر جي سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ اڍائي ورھين جي نينگري طيبه ڌيءَ وزير علي گھر ٻاهران راند ڪندي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، اطلاع تي پيءُ بروقت پھچي نينگري کي گٽر مان ٻاهر ڪڍي سول اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نينگري جي فوت ٿيڻ بعد وارثن اسپتال انتظاميا کان ايمبولينس ڏيڻ جي گھر ڪئي پر انتظاميا ايمبولنس ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد نينگري جو مڙهه سندس پيءُ اسپتال کان هٿن تي کڻي ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪري گهر پهتو، نينگري جو لاش آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو ۽ گھرڀاتي مڙهه کي چنبڙي دانھون ڪري روئيندا رھيا. هوڏانهن وارثن نينگري جو لاش شڪارپور روڊ تي رکي ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي نينگري جي پيءُ وزير علي ٻڌايو ته پاڙي ۾ ڪيترائي گٽر کليل آهن، ڪيتري ئي عرصي کان ٺيڪيدار کي شڪايت ڪئي ته ڍڪڻ ڏيو پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو، هن چيو ته ٺيڪيدار جي ڪن لاٽار سبب گلن جهڙي نينگري حياتي وڃائي ويٺي، ھن چيف جسٽس سنڌ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي خبر پئي آهي جاچ ڪريان پيو، شھر ۾ سوين گٽر جا منھن کليل هجڻ واري سوال تي ڊپٽي ڪمشنر جواب ڏيڻ بدران ڪال ڪٽي ڇڏي.