بگ باس سيزن 13 ۾ شرڪت جي آڇ ٿي پر انڪار ڪيو: آئمه بيگ

0
210

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور گلوڪارا آئما بيگ انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 13 ۾ شرڪت جي آڇ ڪئي وئي هئي. پي ايس ايل 7 جي آفيشل ڳائڻي آئما بيگ، جنهن ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي آواز ۽ پرڪشش شخصيت سان مداحن جون دليون کٽي ورتيون آھن، ھن تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته کيس بگ باس سيزن 13 ۾ شرڪت جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هن انڪار ڪيو

مختلف ڊرامن ۽ فلمن لاءِ پلي بيڪ گانا ڳائي شهرت ماڻيندڙ آئما بيگ جو چوڻ هو ته جڏهن کيس ڀارتي ريئلٽي شو ۾ شرڪت جو فون آيو ته هوءَ حيران ٿي وئي پر هن ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته بگ باس ڏسڻ ۾ سٺو آهي پر هوءَ ڪڏهن به ان ۾ حصو وٺڻ جو سوچي نٿي سگهي.