بڇيري(ن پ ا) بڇيري ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان چورين جو آزار گهٽجي نه سگهيو. ھڪ ھفتي اندر ٽين چوري پوليس خاموش تماشائي بڻيل، رات دير سان بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سيد ابراھيم شاهه مان عبدالمجيد کوکر جون چار ٻڪريون ھڪ ڇيلو چور ڪاھي ويا. ٻڪريون ۽ ڇيلو گلابي نسل جا ھئا ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت پيرا کڻي چورن جي ڳولا لاءِ نڪتل بالو جا قبا پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو.