کورواھ )ن پ ا( کورواھ شھر ۾ ميرپور بٺورو روڊ تي پلال سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليءَ کي بجلي جي يارھن ھزار وولٽيج جي تار مان باھ لڳي وئي. نتيجي ۾ سمورو پلال سڙي رک ٿي ويو. اطلاع تي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڪڙيو گھنور کان فائير برگيڊ پھچي باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو. باھ دوران ڊرائيور خبرداريءَ ٽرالي کان ٽريڪٽر الڳ ڪري پھنجي جان بچائي ورتي. ٽرالي جو مالڪ رزاق رند ٻڌايو پيو وڃي.