بپن راوت جي هيليڪاپٽر جو حادثي کان ڪجهه دير اڳ جا فوٽيج سامهون اچي ويا

0
620

ڪراچي(م ڊ) ڀارتي چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت جي هيلي ڪاپٽر جو حادثي کان ڪجهه دير اڳ جا فوٽيج سامهون آيا آهن, ڀارتي نيوز ويب سائيٽ پاران جاري ڪيل فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ هيلي ڪاپٽر هوا ۾ موجود آهي ۽ پوءِ اوچتو غائب ٿي وڃي ٿو، هيلي ڪاپٽر کي ڏسندي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڏام دوران ان جو توازن برقرار ناهي رهيو

ڀارتي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته اهي فوٽيج 8 ڊسمبر جا آهن ۽ اهو هيلي ڪاپٽر ڀارتي آرمي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو آهي جيڪو تامل ناڊو ۾ ڪري تباهه ٿيو هو

واضح رهي ته هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ جنرل بپن راوت سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ رڳو هڪ ڄڻو بچي سگهيو

ھي به پڙھندا

ڀارت جو جنرل چيف آف اسٽاف بپن راوت، گهرواري ۽ 11 ڄڻن سميت هيليڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو!