ساهيوال سانحو ڪيس: لاهور ڪوٽ بري ڪيل سمورن جوابدارن کي طلب ڪري ورتو

0
187
پهرين زال جي اجازت کانسواءِ

ڪراچي(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ساهيوال سانحي ڪيس ۾ پنجاب حڪومت جي اپيل تي بري ڪيل سمورن جوابدارن کي 21 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو

پنجاب حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته سڄو واقعو دنيا ڏسي ورتو، پوءِ جوابدار ڪيئن بري ٿيا؟

سرڪاري وڪيل چيو ته فريادي جو شاهد ۽ زخمي شاهد سڀ ڦِري ويا آهن، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي جيڪڏهن اهي سڀ ڦِري ويا ته

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت جي اپيل تي ڪيس جي فريادي سميت سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کين طلب ڪري ورتو، عدالت لاڳاپيل ايس ايڇ او کي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي