ڀارت جو جنرل چيف آف اسٽاف بپن راوت، گهرواري ۽ 11 ڄڻن سميت هيليڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو!

0
603
ڀارت جو جنرل چيف آف اسٽاف بپن راوت، گهرواري ۽ 11 ڄڻن سميت هيليڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو!

 نئين دهلي: ڀارتي ايئر فورس هيليڪاپٽر حادثي ۾ چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

جنرل بپن راوت سان گڏ سندس گهرواري ماڌوليڪا راوت ۽ 11 ٻيا فوتين ۾ شامل آهن ڀارتي ميڊيا موجب ھيليڪاپٽر ۾ سي ڊي ايس بپن راوت جو عملو ۽ خاندان جا ڪجهه ماڻھو سوار ھئا

هادثي کان فوري بعد ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ فوتين جا لاش ڪڍي اسپتال پهچايا ويا، جنرل بپن راوت بابت شروعاتي اطلاع اهي هئا ته  هو شديد زخمي ٿيو آهي ۽ هن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي پر بعد ۾ هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ڀارتي سرڪار پاران هيليڪاپٽر حادثي جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي