راولپنڊي(م ڊ) بلوچستان ۾ پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ميجرز سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي جي نتيجي ۾ ٻن پائلٽس سميت ڇهه اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر گذريل رات فلائنگ مشن دوران ڪري تباهه ٿيو، شهيدن ۾ ميجر محمد منيب افضل، ميجر خرم شهزاد، نائيڪ جليل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته قوم شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، پنهنجي بيان هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلي ۽ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به ٽوئيٽ ۾ فوجين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سفير به حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.