راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي اينٽي ڪرپشن عدالت جي خاص اينٽي ڪرپشن جج محمد مسرور زمان سرڪاري زمين تي قبضي ڪيس ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر چوڌري تنوير ۽ سندس پٽ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو. وڌيڪ ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تي ٿيندي.