جوهي(ن پ ا)  وزير اعظم جي اڄ امڪاني طور دادو ضلعي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري تي پهچڻ جا اطلاع ملڻ تي ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي آھي جوهي لڳ ڇنڊڻ موري وٽ “وزير اعظم رليف پيڪج” مونو گرام جا ٽئنٽ لڳائڻ شروع ڪري ڏنا آھن جڏھن ته جوهي تعلقي ۾ اڳ اهڙي قسم جي خيما بستي ڪاٿي به قائم ٿيل نه آھي ان ڏس ۾ ٻوڏ متاثرن دانهيندي ٻڌايو ته گذريل 27 ڏينهن کان ڇنڊڻ موري جي ڪپ تي کُلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون ڪنهن به واهر نه ڪئي آھي اڄ اوچتو “وزير اعظم رليف پيڪيج” مونو گرام وارا خيما لڳائڻ شروع ٿي ويا آھن، هنن چيو ته سڀاڻي ڪو وزير اچڻ جو پروگرام ٻڌي تصويرون ڪڍڻ لاء هي خيما لڳايا ويا آھن.