بلب ۽ پکو ھلائيندڙ پيرسن عورت کي اڍائي لک جو بل

0
348

دنيا ۾ ڪيترائي عجيب ۽ غريب قسم جا واقعا پيش ايندا آھن جنھن کي ٻڌي سمجھھ نھ ايندي آھي تھ انسان کي کلڻ گھرجي يا انھيءَ تي افسوس ڪرڻ گھرجي. اھڙو ئي ڪجھھ ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي ضلع گونا ۾ ٿيو جتي ڪکائين گھر ۾ رھندڙ 65 سالن جي رام ٻائي نالي عورت صرف ھڪ بلب ۽ پکو استعمال ڪندي آھي پر انھيءَ کي بجليءَ جو بل اڍائي لک روپين جو آيو. ڀارتي ميديا موجب انھيءَ کان اڳ ھن جو بل 300 يا 500 روپيا ايندو ھو پر عالمي وبا ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون سبب مائي ٻھ مھينا بل جمع نھ ڪرائي سگھي جنھن تي ٻن مھينن کانپوءِ ھن کي بجليءَ جو اڍائي لک روپين جو ڳرو بل موڪليو ويو. رپورٽ موجب ٻڍڙي عورت اھو ڏسي حيران رھجي وئي ۽ ھن فوري طور تي بجلي جي آفيس جو رخ ڪيو پر اتي ھن جي ٻڌڻ وارو ڪوئي بھ نھ ھو. پوڙھي مائي جو انھيءَ حوالي سان چوڻ ھو تھ مان گھرن ۾ ڪم ڪري پئسا ڪمائيندي آھيان. ڪيترن ي ڏينھن تائين بجلي آفيس ويس پر اتي منھنجي فرياد ڪنھن بھ ماڻھو نھ ٻڌي.