واٽس ايپ لاڳيتو ھلندڙ مسئلي جي حل لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو

0
272

واٽس ايپ استعمال ڪندڙن کي ھڪ وڏي مسئلي کي آسان ڪرڻ جي لاءِ آئي فون کان اينڊرائيڊ يا اينڊرائيڊ کان آئي فون ۾ چيٽ کي منتقل ڪرائڻ جي سھولت فراھم ڪرڻ جي تياري ڪري رھيو آھي. ويب بيٽا انفو جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ھڪ ويڊيو شيئر ڪئي آھي جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ چيٽ کي ڪيئن آساني سان منتقل ڪري سگھبو. ويڊيو جي ڪيپشن ۾ اھو بھ ٻڍايو ويو آھي تھ انھيءَ جي لاءِ ھڪ ڪيبل جي ضرورت ھوندي جڏھن تھ اھا سھولت في الحال بيٽا ورزن استعمال ڪندڙن جي لاءِ متعارف ڪرائي ويندي. چيٽ ٽرانسفر ڪندي ھڪ ڳالھھ جو خيال رکڻو پوندو تھ فون ڪنھن بھ صورت بند نھ ٿئي نھ تھ چيٽ جي منتقلي روڪي ويندي.