بلاول ٽن ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير پهچي ويو، ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آيو آهيان: پرڏيهي وزير

0
200

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽن ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير پهچي ويو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ڪشميري ڀيڻ ڀائرن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آيو آهيان

هن چيوته ڀارت سمجهي ٿو هڪ ڪانفرنس وسيلي ڪشميرين جي آواز کي دٻائي سگهي ٿو، تڪراري علائقي ۾ جِي ٽوئنٽي جو اجلاس عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اسان ڀارت جو اصل چهرو دُنيا کي ڏيکاري رهيا آهيون

 بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي پارليامينٽ کي خطاب ڪرڻ سان گڏ پارليامينٽيرينز سان ملاقاتون ڪندو، پرڏيهي وزير جي شيڊول ۾ عوامي جلسي کي خطاب به شامل آهن