اسلام آباد: قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ڊگهو ٿيڻ سبب اسپيڪر پاران اجلاس ۾ شريڪ عسڪري ۽ سياسي قيادت جي مان ۾ ڏنل رات جي ماني ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شريڪ نه ٿيو، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي 8 ڪلاڪ اجلاس دوران 2 ڀيرا وقفو ٿيو، اجلاس ڊگهو ٿيڻ ڪري ميمبرن لاءِ اسپيڪر اسد قيصر پاران رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو، ان کان پهريان چانهن جي لاءِ به وقفو ٿيو هو.ن ليگ جو سربراهه شهباز شريف، آرمي چيف، آءِ ايس آءِ جو سربراهه ۽ ٻي سياسي قيادت شريڪ ٿي.