اسلام آباد: قومي سلامتي جي اجلاس ۾ قبائلي علائقن سان لاڳاپيل ايم اين اي محسن داوڙ کي مخاطب ٿيندي آرمي چيف چيو ته توهان ادارن خلاف ڇو ٿا ڳالهايو، هي توهان جو به ملڪ آهي، ذريعن موجب آرمي چيف جنرل باجوا محسن داوڙ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اسان جا ڀائر آهيو، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، اوهان ادارن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، ادارن ملڪي استحڪام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.