بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ۾  خوراڪ کاتي  جي نااھلي سبب  ڪڻڪ جون ھزارين ٻوريون کليل آسمان ھيٺ خراب ٿيڻ لڳيون آهن. فوڊ انسپيڪٽر بخشاپور  الله  جڙيو ٻڌايو ته  منهنجي بدلي ٿي وئي آهي، رانجھو ملڪ مقرر ٿيو آهي، مون ڪيترائي ڀيرا  ڊي ايف سي ڪشمور کي  ڪڻڪ خراب ٿيڻ بابت لکت ۾ اطلاع ڏنو آهي. فوڊ انسپيڪٽر رانجھو ملڪ ۽ ڊي ايف سي ڪشمور عبدالحڪيم شر ٻڌايو ته  واپاري تعاون نه پيا ڪن جنهن  سبب اسان ٽارگيٽ حاصل ڪري ناھيون سگھيا.  ڪوشش آهي  ته  جلد کان جلد سينٽر تان ڪڻڪ لوڊ ڪرايون ته  جيئن وڌيڪ نقصان نه ٿئي.