لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو  عملدارن سچل ڪالوني، شيخ زيد، يار محمد ڪالوني، ميروخان چوڪ سميت ٻين مختلف علائقن ۾ بجلي چورن ۽ رهتون ادا نه ڪندڙ صارفين خلاف گرينڊ آپريشن ڪري ميروخان چوڪ سميت مختلف علائقن مان بجلي جا 5 ٽرانسفارمر لاهي سوين غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن لاٿا ويا ۽ رهتون ادا نه ڪندڙن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي ته هو جون مهيني ۾ بجلي جي بلن جي مد ۾ رهتون جلد کان جلد ادا ڪن ٻي صورت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.